ارباب کهاوڙ

ارباب کهاوڙ: ليکڪ ۽ قومپرست اڳواڻ ارباب کهاوڙ جو اصل نالو ارباب علي نبي بخش کهاوڙ آهي، هو ابتدا ۾ ’ارباب سنڌيءَ‘ جي نالي سان به لکندو هو. هو 11 اپريل 1947ع تي وارهه ۾ پيدا ٿيو. ايم. بي. بي. ايس ڪيائين. هن ”سنڌ دوست“ نالي رسالي جا ڪيترائي پرچا شايع ڪيا، جنهن جو پاڻ ايڊيٽر هو. سندس هڪ ڪتاب ”عوامي جمهوري انقلاب“ (1987ع) شايع ٿيل آهي. جيئي سنڌ پروگريسو اسٽوڊنٽس جو باني، جيئي سنڌ محاذ، سنڌ دوست پارٽي سنڌ نيشنل ڪانگريس ۽ سگا جو ميمبر رهيو، سندس مطالعي وارن سياسي ڪارڪنن ۾ شمار ٿئي ٿو.


لفظ ارباب کهاوڙھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو